اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هجڻ جي ناطي ??سان مخالف ڌر کي فيملي لميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ لاءِ جناح اسٽيڊيم ۾ پنڊال سجائڻ جي باقاعده اجازت ڏني آهي، عوا?? کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ روڊن تي ڪنهن به صورت ۾ جلسي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، اسان به ماضي ۾ اسٽيڊيم جي اندر جلسا ڪيا، ڪڏهن عوا?? کي تنگ ڪرڻ جي سياست ناهي ڪئي، مخالف ڌر کان به اهڙي ئي اميد رکون ٿا، پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فيملي لميٽيڊ ڪمپني ڪرپشن جي بچاءُ لاءِ جيڪو پنڊال سجائي رهي آهي ان جي لاءِ جمهوري حڪومت ۽ پارٽي هُجڻ جي ناطي مخالف ڌر کي جلسي جي اجازت ڏني آهي، مخالف ڌر کي چئلينج ڪريون ٿا ته هو جناح اسٽيڊي?? کي ڀرين جيڪڏهن عوا?? کي تنگ ڪرڻ لاءِ روڊن تي جل??و ڪيو ته انهن کي ان جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي.