اسلام آباد – 05 س??پٽمبر (اي پي پي) سيني?? چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارليماني رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سيني?? چيئرمين آذربائيجان جي اسپيڪر سان پارليامينٽ هائوس ۾ آن لائن ميٽنگ جي دور??ن ڪيو، سيني?? چيئرمين چيو ته ٻئي ملڪ غربت، انساني حقن جي بهتر فراهمي، برابري، دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ موسمي اثرن جهڙن چئلينجن لاءِ گڏيل لائحه عم?? اختيار ڪري بهتري آڻي سگهن ٿا، هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان بين الپارلياماني يونين (آءِ پي يو) ۽ ايشين پارلياماني اسيمبلي (اي پي اي) جا ميمبر ملڪ آهن ?? ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ ان گهڻ رخي فورمز مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿيون.