اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪ??رو??ا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿيا، هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار 569 ٽيسٽ ڪيا ويا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪ??رو??ا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو م??يض وينٽي ليٽر تي نه آهي. سڄي ملڪ ۾ 394 ڪ??رو??ا م??يض وينٽي ليٽرز تي آهن جڏهن ته ڪ??رو??ا مريضن جي لاءِ 1568 وينٽي ليٽرز رکيا ويا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان جا 1630، اسلام آباد جا 13 هزار 927، خيبرپختونخواهه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ڪيسز شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رو??ا کان هيستائين 5 هزار 123 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪ??رو??ا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 4254 م??يض علاج هيٺ آهن.