اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو ??هي ته حڪ??مت روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ معيشت جي استحڪام ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. حڪ??مت جي اقتصادي ٽيم سان گڏ بجيٽ پريس ڪانف??نس ۾ هن ٻڌايو ته روزگار جي فراهمي جي پنهنجي واعدن تي قائم آهيون، اسان جو سدائين کان اهو موقف رهيو ??هي ته نجي شعبو روزگار جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، نجي شعبو تڏهن مضبوط ٿيندو جڏهن ??سان جي معيشت مستحڪم ٿيندي، اسان جو پهريون هدف معيشت کي استحڪام ڏيڻ آهي. معيشت جي استحڪام لاءِ موجوده حڪ??مت ڪيترائي قدم کنيا آهن، حڪ??مت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون جنهن ??ي ڪري ڪاروبار ۾ آسانين جي عالمي درجابندي ۾ گذريل سال 28 پوائنٽ جي بهتري ٿي ۽ هلندڙ سال ان ۾ وڌيڪ بهتري جو امڪان آهي.