اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ??ه سڄي ملڪ ۾ ضرورت جي بنيادي شين جي دستيابي تي خاص نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اٽي، دا??ين?? چانور، گيهه ۽ کنڊ وغيره جهڙين ض??ورت جي بنيادي شين جي کوٽ نه ٿئي، وفاقي ۽ صوبائي لاڳاپيل عملدارن تي ٻڌل خاص ڪميٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا خوراڪ ج?? حوالي سان صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺي ۽ سفارشون پيش ڪري. وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي چئ??ين?? جي ڏس ۾ مختلف شعبن ۾ کنيل قدمن خاص طور تي صنعت ۽ واپار، تعميرات، توانائي ۽ خاص طور تي هن مشڪل صورتحال ۾ غربت جو شڪار ماڻهن کي رليف ڏيڻ ج?? حوالي سان کنيل قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي.