اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف اٽڪ ۾ اسڪول وين تي فائرنگ جي واق??ي جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم ??اقعي ۾ مارجي ويل ٻارن جي خاندانن سان تعزيت، زخمي ٻارن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته معصوم ٻارن تي اهڙي قسم جو حملو انتهائي ظالماڻو ۽ سفاڪ عمل آهي.