اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته چين جي ناليواري ٽيڪ ڪمپني ??ان طئي ٿيل فريم ورڪ تحت هر سال 2 لک نوجوانن کي آء?? ٽي ٽريننگ ڏني ويندي، حڪومت تعليم جي ذريعي نوجوانن جي روشن مستقبل جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي پڙهيل لکيل ورڪ فورس دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي، ايجوڪيشن ايڪسپو پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دنيا جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم موقعا فراهم ڪندي. هو نجي ميڊيا هائوس پاران منعقد نيوز ايجوڪيشن ايڪسپو 2024ع کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايجوڪيسن ايڪسپو جي ذريعي پاڪستاني شاگردن کي دنيا جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ پنهنجي اعليٰ تعليم جي لاءِ موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي ٿو. اها هڪ اهڙي سياسي خدمت ۽ ڪوشش آهي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. اهڙين سرگرمين ??ان تعليمي ادارن کي پڻ موقعو ملي ٿو ته اهي قابليت کي حاصل ڪري سگهن. ا??ان جي ملڪ ۾ 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اها نوجوان آبادي پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو موقعو آهي ڇو ته دنيا ۾ پڙهيل لکيل ۽ هنرمند ماڻهن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، آء?? ٽي، منرلز، مائنز، زراعت، آئل اينڊ گئس سميت هر فيلڊ ۾ دنيا جا ترقي يافته ملڪ ٽيلينٽ ورڪ فورس جا ڳولائو آهن ان ڏس ۾ پاڪستان جي پڙهيل لکيل ورڪ فورس جو دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته اهڙين سرگرمين ??ان نه رڳو شاگردن کي ڪيريئر ڪونسلنگ جو موقعو ملي ٿو پر يونيورسٽين کي پڻ موقعو ملي ٿو ته اهي ٽيلينٽ کي بهتر بڻائي سگهن ٿيون ته اهي بطور شهري پاڪستان جي ترقي، جي ڊي پي گروٿ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته جڏهن کان ا??ان جي حڪومت آئي آهي ا??ان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، بلوم برگ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، يو اين ڊي پي سميت هر رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته ا??ان جي ڪرنسي مضبوط ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15 ڏينهن مان وڌي 2 مهينن جي ڪور تائين پهچي چڪا آهن، مهانگائي 17 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي آئي جيڪا رڪارڊ گهٽٽائي آهي اهي سمورا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته مجموعي طور تي معيشت بهتري طرف جاري آهي. انهي مان ا??ان کي فائدو کڻڻو آهي، ا??ان جي روشن مستقبل جو دارومدار تعليم تي ئي آهي. ا??ان کي پنهنجي نوجوانن کي رهنمائي ۽ صحيح رخ فراهم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجيڪل ايڊوانسمنٽ ۾ دنيا تمام اڳتي وڃي چڪي آهي، ا??ان کي به انهي ڏس ۾ پنهنجي نوجوان نسل کي موقعا فراهم ڪرڻا آهن. هن چيو ته نيوز ايجوڪيشن ايڪسپو جو انعقاد خوش آئنده آهي جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان تسلسل ??ان ٿي رهي آهي، انهن ڪوششن کي ساراهيان ٿو، اها نه رڳو ا??ان جي نوجوان نسل جي لاءِ پر اسڪلز جي حوالي ??ان پڻ فائديمند ثابت ٿيندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سدائين نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، جڏهن شهباز شريف خادم پنجاب هو ته نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي قدم ??نيا، شاگردن کي فري ليپ ٽاپ، ميرٽ بيسڊ اسڪالرشپ ??ان گڏوگڏ پهريون ڀيرو ملڪي سربراهن کانسواءِ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن چيو ته ا??ان کي روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، گذريل ڪجهه سال مشڪل ضرور هئا ڇو ته ا??ان ڏيوالي ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا هُئاسين، جيڪڏهن ا??ان نوجوانن کي اهي اسڪلز ڏنا جن جا اهي مستحق آهن ۽ معاشي انگ اکر اهڙي طرح اڳتي وڌندا رهيا ته اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ا??ان دنيا جي بهترين معيشتن ۾ شامل ٿي وينداسين. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين جي هڪ ناليواري ٽيڪ ڪمپني ??ان فريم ورڪ طئي ٿي ويو آهي هر سال 2 لک ٻارن کي آء?? ٽي ٽريننگ ڏني ويندي، ا??ان جا دنيا جي بهترين آء?? ٽي ڪمپنين ??ان معاهدا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ آء?? ٽي بورڊ، اسٽارٽ اپس طرف وڃي رهيا آهيون.