ا??لا?? آباد – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ چيو ??هي ته ا??لا??ي تعاون تنظيم جي گيمبيا ۾ سربراهي ۽ پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ??طرفيون ملاقاتون ڪندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ پاڪستان ??سلمان امت کي درپيش چئلينجز جو گڏيل حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندو. ترجمان ??يڊيا کي گذريل هفتي سياسي معاملن بابت آمريڪي انڊر سيڪريٽري جان باس ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلزبٿ هورسٽ جي پاڪستان جي دوري ۽ وقتي پرڏيهي سيڪريٽري رحيم حيات قريشي سان سندس ملاقات ??ابت ٻڌايو. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت، تعليم، زراعت ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن سميت مختلف ڳالهين واري عمل جي ذريعي پائيدار مشغوليت جي اهميت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان ??طرفي تعاون ۽ افهام تفهيم کي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا سان رابطو جاري رکندو. هن چيو ته اسرائيلي قابض فوج عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني قدم جاري رکيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيل پاران ان??ان?? حقن جي وڌندڙ خلاف ورزين ۽ اولهندي ڪناري ۾ غيرقانوني اسرائيلي بستين جي وڌندڙ انگ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسرائيل جا قدم عالمي قانون جي خلاف ورزي آهن، ان سان گڏوگڏ اهي ان??ان?? قانونن ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي قراردادن جي ابتڙ آهن. ترجمان چيو ته اهي ڪارروايون ٻه رياستي حل جي امڪانن کي پڻ نقصان ??هچائين ٿيون. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي فلسطين ۾ ڪڌي ڏوهن جي ارتڪاب کان روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل کان ??وري طور تي نمايان جنگبندي لاڳو ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل تي زور ڏي ته هو غزه جو گهيراءُ ختم ڪري، ان??ان?? امداد ۾ سهولت فراهم ڪري، شهرين کي تحفظ ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪري ۽ فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي جوابده بڻائي. ترجمان ??لسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي گادي واري شهر طور هڪ آزاد، قابل عمل ۽ لڳولڳ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ تي زور ڏنو.