اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدا??ت ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستان معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. وزيراع??م معاشي ٽيم کي هنگامي بنيادن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدا??ت ڪئي. وزيراع??م ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پريشان ڪندڙ معاشي انگن ??کرن تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پ??شا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.