اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ زرداري پ??ڪستان ۾ ڪرپشن جون تصويرون آهن، ڦرلٽ جا اهي ٻه وڏا سوداگر رات جو گڏ ٿيا، رات جي ملاقاتن ۾ اهو طئي ٿيو ته هارس ٽريڊنگ جي لاءِ انهن ??ي ڪيترا ڪيترا پئسا وجهڻا آهن، اسان جي ٽن اسيمبلي ميمبرن کي عدم اعتماد جي رٿ جي لاءِ پئسن جي آفر ڪئي وئي جيڪو شرمناڪ رويو آهي، ٻئي پ??رٽيون ملڪ ۾ هارس ٽريڊنگ ٻيهر آڻڻ چاهين ٿيون جيڪو اسان ٿيڻ نه ڏينداسين، مخالف ڌر کي چئلينج آهي ته اهي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ عدم اعتماد جي رٿ کڻي اچن، انهن ??ي خبر پئجي ويندي، وزيراعظم عمران خان جو روس جو دورو اهميت اختيار ڪري ويو آهي، دنيا جون نظرون صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان جي ملاقات تي آهن، سمورين مشڪلاتن جي باوجود اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ هفتي عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ وڌيڪ پئڪيجز آڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ روس جي دوري جي حوالي سان پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو آهي، وزيراعظم عمران خان جي سڀاڻي صدر پيوٽن سان ملاقات ٿيندي. هن ??يو ته 23 سالن کانپوءِ پاڪستان مان ڪو وزيراعظم روس جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. هن ??يو ته عالمي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم جو روس جو دورو اهميت اختيار ڪري ويو آهي، دنيا جون نظرون صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم عمران خان جي ملاقات تي آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم گذريل ڏينهن روس جي ٽي وي چينل ”آر ٽي“ کي ڏنل ??نه??جي انٽرويو ۾ ??نه??جي پ??ڏيهي پ??ليسي جا مقصد واضح ڪيا هئا، وزيراعظم واضح ڪيو هو ته اسان قطعي طور تي ڪنهن ??روپ جو حصو نه ٿا بڻجڻ چاهيون ٿا، نه ئي اها اسان جي پ??ليسي هوندي، اسان ??نه??جي آزاداڻي پ??ڏيهي پ??ليسي برقرار رکنداسين. هن ??يو ته افغانستان جي معاملي تي پ??ڪستان جي عالمي ڪردار کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو، اسان جو موقف بلڪل صحيح نڪتو، جڏهن اشرف غني اقتدار ۾ هو ته اسان کيس بار بار چيو ته هن وقت چونڊن کي ڇڏي ٺوس حڪومت طرف وڃي، اشرف غني کي باور ڪرايو هو ته جيڪڏهن هن صورتحال ٺيڪ نه ڪئي ته هو وڌيڪ دير نه هلي سگهندو، ان کانپوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي، ان ۾ اسان چئي رهيا آهيون ته افغانستان جي عوام جو فڪر ڪيو وڃي، غذائي ۽ معاشي بحران ۾ انهن ??ي سهارو ڏيڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تيل جون قيمتون به تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن، پوري دنيا ان کان متاثر ٿي رهي آهي، روس ۽ يوڪرين ۾ ڇڪتاڻ آهي، چاليهه سيڪڙو کان وڌيڪ ڪڻڪ روس ۽ يوڪرين ۾ پيدا ٿئي ٿي، جيڪڏهن اهو بحران وڌي ٿو ته دنيا ۾ غذائي بحران جنم وٺي سگهي ٿو. روس ۽ يوڪرين جي حوالي سان احتياط سان قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته وزيراعظم به چيو آهي ته اسان متوازن پرڏيهي پ??ليسي کڻي هلنداسين. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان پاڪستان جي حڪمت عملي کي پوري دنيا ۾ ساراهيو ويو آهي، بل گيٽس جهڙن ماڻهن جو ملڪ ۾ اچڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي وزيراعظم عمران خان ۽ هڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي کي ساراهيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي عدم اعتماد جي رٿ تي پڻ غور ٿيو. هن ??يو ته اسان جي ٽن اسيمبلي ميمبرن ۾ ه?? اقليتي ميمبر ۽ هڪ عورت ميمبر به شامل آهن، انهن رپورٽ ڪيو آهي ته انهن ??ي عدم اعتماد جي لاءِ پئسن جي آفر ڪئي وئي آهي، اهو هڪ شرمناڪ رويو آهي. هن ??يو ته پاڪستان جا ٻه وڏا سوداگر رات گڏ ٿيا، هڪ جي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس لاهور ۾ ۽ ٻئي جي خلاف ڪراچي ۾ هلي رهيو آهي. زرداري ۽ شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪرپشن جون تصويرون آهن، اسان جي ايم اين ايز جي رپورٽ کي ڏٺو وڃي ته ان مان ظاهر آهي ته انهن جي رات جي ملاقات ۾ اهو طئي ٿيو ته ماڻهن ??ي خريد ڪرڻ جي لاءِ اهي ڪيترا ڪيترا پئسا وجهندا. هن ??يو ته شهباز شريف جا ڪيس روزاني جي بنياد تي هلڻ شروع ٿي ويا ته شهباز شريف جيل ۾ هوندو، اها ئي صورتحال آصف علي زرداري جي آهي. هن ??يو ته ٻنهي عدالتن ۾ سرٽيفڪيٽس ڏنا آهن ته اسان بيمار آهيون ۽ اهي راتين جو ملاقاتون ڪري رهيا آهن ۽ اهو بحث ڪري رهيا آهن ته ماڻهو خريد ڪرڻ جي لاءِ توهان ڪيترا پئسا وجهندا ۽ اسان ڪيترا پئسا وجهنداسين. هن ??يو ته هارس ٽريڊنگ جي وڏي مشڪل سان پاڪستان ۾ خاتمي جي اميد پيدا ٿي هئي پ?? هي ٻئي پ??رٽيون گڏجي ان کي ٻيهر واپس آڻڻ چاهين ٿيون جيڪو اسان ٿيڻ نه ڏينداسين. هن ??يو ته ??نه??جي چونڊيل ميمبرن کي سلام پيش ڪريون ٿا ته انهن سمورن معاملن کان پارٽي ليڊرشپ کي آگاهه رکيو. هن ??يو ته اڃا تائين مخالف ڌر جي جرئت ناهي ٿي ته اهي عدم اعتماد جي رٿ آڻي سگهن، مون اڳ ۾ به چيو هو ته انهن ۾ جرئت آهي ته سڀاڻي ئي عدم اعتماد جي رٿ کڻي اچن. مخالف ڌر کي چئلينج آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ عدم اعتماد جي رٿ کڻي اچن ته انهن ??ي خبر پئجي ويندي ته انهن سان ڇا ٿو ٿئي. هن ??يو ته اسان ايندڙ چونڊن جي تياري ڪري رهيا آهيون، اڄ پنجاب جي پ??رلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، پهرين مرحلي ۾ ڊسٽرڪٽ ميئرز جي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪيون پيون وڃن. هن ??يو ته حڪومت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، سمورين مشڪلاتن جي باوجود اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ هفتي عوام کي ريليف جي فراهمي لاءِ وڌيڪ پئڪيجز آڻي رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ او آءِ سي پ??ڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس جون تياريون عروج تي آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ??يو ته جيڪا به قانونسازي ٿي آهي اٽارني جنرل صاحب جي ڄاڻ ۾ هئي. هن ??يو ته الزام بازي جون اسلامي قانونن ۾ سزائون آهن، بحث اهو ٿيڻ گهرجي ته قانونن جي غلط استعمال کي ڪيئن روڪيو وڃي. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مريم نواز گهٻرايل آهي، مريم اورنگزيب جو بيان شهباز شريف ۽ نواز شريف جي منظوري سان آيو آهي، نواز شريف سدائين فوج کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.