اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ??يو آهي ته ڌاڙيلن جو گلدستو ۽ چورن جو ٽولو جيڪو به ڪرڻ چاهي ٿو ڪري وٺي آئون تيار آهيان، ڪپتان جڏهن کيڏندو آهي ته مخالف کي نظر ۾ رکي هن هر شيءَ جي منصوبابندي ڪئي هوندي آهي، 25 سالن کان معاشري جي ڪمزور طبقن جي حقن ۽ انصاف جي لاءِ جهاد ڪري رهيو آهيان الله تعاليٰ مون کي ان ۾ ڪامياب ڪندو، جيستائين زنده آهيان بليڪ ميل ڪندڙن کي اين آر او نه ڏيندس، اسان جي حڪومت عورتن کي ووٽ جي لاءِ نه پر خلوص نيت سان عملي قدمن جي ذريعي بااختيار بڻائڻ جي جدوجهد ڪئي، عورتن کي وراثت جو حق ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي جنهن تي عملدرآمد ڪرائڻ سڄي معاشري جي ذميداري آهي، احساس پروگرام تحت هن وقت تائين 500 ارب روپيا ورهايا ويا آهن جنهن م??ن 98 سيڪڙو رقم عورتن جي ذريعي ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح يونيورسٽي ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم ??يو ته جڏهن هن ملڪ جي تاريخ لکي ويندي ته اهو لکيو ويندو ته جنهن حڪومت عورتن کي ووٽ جي لاءِ نه پر دل سان بااختيار بڻائڻ جي جدوجهد ڪئي اها اسان جي حڪومت آهي، الله تعاليٰ انسان کي دنيا ۾ زمين تي انصاف قائم ڪرڻ جي لاءِ موڪليو آهي ۽ ان کي عبادت جو رتبو ڏنو آهي، اسان جي نبي ڪريم ﷺ عورتن کي 1500 سال اڳ وراثت جا حق ڏنا جڏهن ته يورپ ۾ 1920 ۾ عورتن کي حق ملڻ شروع ٿيا ان جي باوجود پاڪستان ۾ عورتن کي پنهنجي حقن کان محروم رکيو ويندو آهي، پوئتي پيل علائقن ۾ کين جائيداد ۾ حصو ڏيڻ جو تصور ئي نه آهي، اها روايت هندستان کان آئي جتي عورتن کي انهن جي مڙس جي مرڻ جي صورت ۾ ان سان گڏ ئي ستي ڪيو ويندو هو. وزيرا??ظم ??يو ته حڪومت عورتن جي وراثتي حقن جي تحفظ لاءِ قانون ٺاهي ڇڏيو آهي هاڻي ان کي لاڳو ڪرڻ سڄي معاشري جي ذميداري آهي، بيورو ڪريسي جو به ان ۾ اهم ڪردار آهي، استادن کي به ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻو پوندو، هن ??يو ته حڪومت طلاق جي صورت ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ به قدم کڻندي، عورتن جي تعليم تي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو. وزيرا??ظم ??يو ته سندس ڪاميابي ۾ سندس والده جو اهم ڪردار آهي جنهن تعليم يافته هجڻ جي ڪري سندس تعليم تي ڌيان ڏنو، هن ??يو ته احساس پروگرام تحت حڪومت 500 ارب روپيا ورهايا جنهن م??ن 98 سيڪڙو عورتن جي ذريعي ورهايا ويا، وزيرا??ظم ??يو ته حڪومت جيڪي وظيفا ڏئي رهي آهي ان ۾ ٻارڙين جو حصو وڌيڪ رکيو ويو آهي، ڇوڪرن کي 40 سيڪڙو ۽ ڇوڪرين کي 60 سيڪڙو ڏنو ??يو وڃي ڇو ته جيڪڏهن هڪ ٻارڙي پڙهي وڃي ٿي ته سڄو خاندان پڙهي وڃي ٿو، وزيرا??ظم ??يو ته عورتن کي تعليم ڏيڻ کانسواءِ معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، هن ??يو ته نبي ڪريم ﷺ جيڪا مديني جي رياست قائم ڪئي ان جو بنياد قانون جي حڪمراني تي هو، پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي قائم ٿيو. علامه اقبال جو خواب هو ته پاڪستان دنيا جي لاءِ هڪ مثال بڻجي، هن جو چوڻ هو ته مديني جي رياست ۾ طاقتور کي قانون جي ماتحت آندو ويو، جن معاشرن ۾ طاقتور کي ڇڏيو ويندو آهي ۽ ڪمزور چوري ڪري ته ان کي جيل ۾ وڌو ويندو آهي اهو معاشرو ترقي ۽ خوشحالي جي طرف نٿو وڌي سگهي. اسان قانون جي حڪمراني لاءِ جهاد ڪري رهيا آهيون، طاقتور قانون جي هيٺ نٿو اچڻ چاهي ۽ بليڪ ميل ڪندو آهي ته جيڪڏهن مون کي اين آر او نه ڏنو ??يو ته آئون حڪومت ڪيرائيندس، آئون جيستائين زنده آهيان انهن جي خلاف جهاد ڪندس ۽ اين آر او نه ڏيندس. وزيرا??ظم ??يو ته طاقتور چوري ڪري لنڊن ۾ محلات خريد ڪري وٺندا آهن ۽ سري عام گهمندا آهن پر ننڍا چور جيلن ۾ وڌا ويندا آهن، جيڪي معاشرا ڪرپشن کي برو نٿا سمجهن اهي زوال جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن، ڇو ته جيڪڏهن چوري ڪري پئسو ڪمائي سگهجي ٿو ته محنت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. وزيرا??ظم ??يو ته چين ساڍا 4 سئو وزيرن کي ڪرپشن تي جيلن ۾ وڌو ان لاءِ هن ترقي ڪئي، اسان پنهنجي حقن جي جنگ وڙهنداسين. 25 سالن کان ڪمزور طبقن جي حقن ۽ انصاف جي لاءِ جهاد ڪري رهيو اهيان الله مون کي ان ۾ ڪامياب ڪندو. وزيرا??ظم ??يو ته ڌاڙيلن جو گلدسو ۽ چورن جو ٽولو جيتري به ڪوشش ڪري الله مون کي سرخرو ڪندو، آئون انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. منهنجو شمار دنيا جي ٽاپ جي ڪپتانن ۾ ٿيندو آهي، ڪپتان جڏهن ميچ کيڏندو آهي ته مخالف جي هر شيءَ جي لاءِ تيار هوندو آهي ۽ هن منصوبابندي ڪري رکي هوندي آهي. تقريب کي گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ۽ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم ۽ قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري به خطاب ڪيو.