اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ورچوئل يونيورسٽي ڊجيٽل پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان کي آءِ ٽي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي بنيادي ??عل??م تي فوڪس ڪرڻ گهرجي، نوجوانن کي سائبر سيڪيورٽي ٽريننگ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سائبر سيڪيورٽي ايندڙ وقت ۾ اهم آهي ۽ ان سان جڙيل هر شعبي ۾ وڏا امڪان آهن، زمانو جيترو تيزي سان بدلجي رهيو آهي، اسان کي وقت سان گڏ هلڻو پوندو ۽ ايندڙ دور لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو، هن وقت 9 سيڪڙو شاگرد گريجوئيشن ۾ داخلا وٺندا آهن جيڪا تمام گهٽ آهي ان کي وڌائن لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هو ورچوئل يونيورسٽي ۽ ان ۾ ايل ايم ايس مينيجمينٽ، آءِ سي ٽي انفرااسٽرڪچر ۽ پروڊڪشن هائوس جي لاءِ جديد ترين سهولتن جي دوري کانپوءِ فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن کي خطاب ڪري رهي?? هو. ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي به ان موقعي تي موجود هو. ريڪٽر ورچوئل يونيورسٽي صدر کي تفصيلي بريفنگ به ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نئين پاڪستان ۾ ورچوئل يونيورسٽي جي طرز جو ??عل??مي سسٽم ڏسڻ چاهيون ٿا، هڪ سال ۾ صرف 27 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽ پيدا ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت 8 لک گريجوئيٽ پيدا ڪري رهيو آهي، اسان وٽ نوجوانن جو هڪ وڏو ت??داد موجود آهي جنهن کي ان شعبي طرف آڻڻ جي ضرورت آهي، ورچوئل يونيورسٽي ڊجيٽل پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهو وفاقي ??عل??مي ادارو پاڪستان جي ڏورانهن علائقن تائين معياري ??عل??م جي فراهمي لاءِ قائم ڪيو وي?? هو، هاڻي ڊجيٽل پاڪستان کي عملي جامو پارائڻ ۾ پنهنجو موثر ڪردار نڀائي رهيو آهي، هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي پوري پاڪستان ۾ هڪجهڙي نصاب جي لاءِ بهترين مثال آهي ڇو ته اهو پوري پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو ??عل??مي مواد فراهم ڪري ٿي. صدر اليڪٽرانڪ موڊ جي ذريعي سستي اعليٰ ??عل??م جي فراهمي جي لاءِ ورچوئل يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته نيشنل انفارميشن سو??ائٽي، ڏکڻ ڪوريا پاران انفارميشن ايڪسيس سينٽر ۽ انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين پاران ورچوئل يونيورسٽي کي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن سينٽر جو ايوارڊ يونيورسٽي جي عالمي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي ملڪ جي خواندگي جي سطح کي تمام وڏي رفتار سان بلند ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، ڊاڪٽر عارف علوي تحقيق تي ٻڌل ??عل??م جي اهميت تي ۽ شاگردن کي جديد ترين ٽيڪنيڪي ترقي سان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ رواتي يونيورسٽين کي ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان جي ماڊل جي طرز تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي اهڙا پروگرام تيار ڪرڻ گهرجن جيڪي معاشري جي گهٽ آمدني وارن طبقن کي بااختيار بڻائين ۽ انهن جي مهارتن جي قدر ۾ اضافو ڪن. هن چيو ته مون اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته يونيورسٽي آف نرسنگ ۾ عالمي سطح تي تسليم ٿيل پروگرام تيار ڪرڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي پروگرام لاءِ فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ۽ نجي شعبي جي مختلف تنظيمن سان گڏجي به ڪم ڪري رهي آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معياري ??عل??م جا موقعا هر ڪميونٽي لاءِ دستياب هجڻ گهرجن ۽ ان مقصد جي لاءِ آن لائين ??عل??مي نظام بهترين ماڊل آهي، هن شاگردن کي زور ڏنو ته هو ڊجيٽل مهارتون سکن ڇو ته توهان سڀني کان باوقار ??عل??مي اداري جو حصو آهيو، جيڪو پاڪستان ۾ پنهنجي اي لرننگ جو علمبردار آهي. اها ڳالهه واکاڻ جوڳي آهي ته ڪووڊ – 19 جي دوران جڏهن پاڪستان جي هر يونيورسٽي کي مسئلا درپيش هئا، ورچوئل يونيورسٽي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجي ??عل??مي نظام کي جاري رکيو، ان ک??ن اڳ صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ورچوئل يونيورسٽي هن وقت پاڪستان جي 120 کان وڌيڪ شهرن ۾ موجود آهي جنهن ۾ 125000 کان وڌيڪ فعال شاگرد ۽ دنيا جي 62 ملڪن مان 1860 ٻاهرين ملڪ رهندڙ شاگرد آهن، گذريل 20 سالن ک??ن ورچوئل يونيورسٽي عوام کي ان جي جاگرافيائي بيهڪ کان قطع نظر انتهائي سستي اعليٰ ??عل??م فراهم ڪئي آهي، هن وقت ورچوئل يونيورسٽي ۾ 4 کاتا، 5 فيڪلٽيز ۽ تازو ئي قائم ڪيل پروفيشنل ڊولپمينٽ سينٽر آهي، ان ک??ن پوءِ صدر ورچوئل يونيورسٽي جي ٽي وي نيٽ ورڪ ۽ ڊيٽا سينٽر سميت ٻين مختلف شعبن جو به دورو ڪيو.