اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ سان پهاڙي سياحت کي ف??وغ ملندو ۽ ان سان ملڪ لا??ِ غير ملڪي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو. خميس ڏينهن وزيراعظم هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته هن اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو افتتاح ڪيو آهي، انشاءُ الله ان سان پهاڙي سياحت ان سطح تائين پهچندي جتان ملڪ لا??ِ پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر ٿيندو، هن چيو ته هو والهاڻي استقبال ڪ??ڻ تي اسڪردو جي عوام جو ٿورو ادا ڪري ٿو، ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عوامي ميڙاڪي کي خطاب ۽ پنهنجون ٻيون تصويرون به شيئر ڪيون.