اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (??و آءِ سي) جي انساني همدردي، ثقافت ۽ خانداني معاملن بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل طارق علي ??خيت ??و آءِ سي پاران مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان عوام جي ڀرپور مدد جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ڪانفرنس افغانستان ۾ انساني بح??ان مان سرخرو ٿيڻ ۾ اهم ۽ ڪليدي ڪردار رکندڙ هوندي، ان ڏس ۾ ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي غير معمولي ??جلاس ۾ تمام اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته هو اسلامي تعاون تنظيم پاران افغانستان جي موجوده صورتحال تي سعودي عرب جي ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ??هرائڻ جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا، هن پاڪستان پاران ان ڪانفرنس جي ميزباني ۽ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اها ڪانفرنس پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته ان ڪانفرنس جا ڪيترائي مقصد آهن ته ڪهڙي طرح ??و آءِ سي افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ انساني بح??ان کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪهڙي طرح ??و آءِ سي افغانستان ۾ انساني همدردي امداد لاءِ جامع حڪمت عملي ??وڙي سگهي ٿي، اهو ڪانفرنس جو بنيادي مقصد آهي ۽ هي ڪانفرنس ان ڏس ۾ اهم ۽ جامع قرارداد منظور ڪندي، هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ ان انساني بح??ان جي حل لاءِ جامع ۽ ٺوس قدمن تي به غور ڪيو ويندو، هن چيو ته ??و آءِ سي ان کان اڳ ماضي ۾ به وزارتي ۽ سربراهي سطح تي افغانستان جي صورتحال جي حوالي ??ان ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي ??ان جامع حڪمت عملي ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ هي ڪانفرنس طلب ڪئي وئي آهي، ان ڪانفرنس ۾ ميمبرن ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ??و آءِ سي افغانستان جي ان نازڪ صورتحال جي حوالي ??ان گهڻي سنجيده ۽ پرعزم آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس افغان عوام جي مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ ??و آءِ سي ان ڏس ۾ سمورن ادارن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي.