اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيل??فو?? ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 17 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سيف الله خٽڪ جي گهرڀاتين کي ٽيل??فو?? ڪئي. ٻئي طرف هن سپاهي محمد فهد ۽ تنوير احمد جي گهرڀاتين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي هن سال 15 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ هڪ ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويا هئا. اهي ٽيل??فو?? صدر معمول جي روايت تحت ڪيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ فوج جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوري ??وم انهن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. صدر هن سال 4 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عامر اقبال جي گهرڀاتين کي پڻ ٽيل??فو?? ڪئي. صدر سوڳوار خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ ق??م جي سيڪيورٽي جي لاءِ انهن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو.