اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آمريڪا جو انتهائي ڪامياب دورو مڪمل ڪري ورتو آهي جتي هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين ??جل??س ۾ شرڪت ڪئي. جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي آمريڪا جي دوري کي سفارتي لحاظ کان انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ هن اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪستان جو ڀرپور موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 20 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين ??جل??س ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهتو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين ??جل??س جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير ڪائونسل آن فارن ريليشنز ۾ بطور خاص مهمان شرڪت ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير عالمي ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف معاملن تي پ??ڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ ٻطرفا لاڳاپا، افغانستان جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جا معاملا غور هيٺ آيا. آمريڪي پرڏيهي وزير انخلا جي عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين جي پرڏيهي لاڳپن ۽ سلامتي جي سربراهه بوريل جوزف سان مليو ۽ ٻطرفن لاڳاپن، اسٽريٽجڪ حصيداري سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين ??جل??س جي موقعي تي او آءِ سي ڪشمير بابت رابطا گروپ جي ??جل??س ۾ شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين تي پ??ڪستان جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين ??جل??س جي موقعي تي آمريڪا جي افغانستان بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد، انٽرنيشنل ڪميٽي ريڊ ڪراس جي صدر پيٽر مور، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ملاقاتون ڪيون ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي طرف ڇڪرايو. پرڏيهي وزير سعودي عرب، قطر، ترڪيءَ، مصر، انڊونيشيا، پرتگال، بيلجيئم، آئرلينڊ، سوئيڊن، ناروي، سلووينيا، رومانيه، فن لينڊ، جاپان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ٽي آر ٽي ورلڊ، نيويارڪ ٽائيمز، الجزيره، ايسوسيئيٽيڊ پريس سان اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي وزير فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير ڊي – 8 فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ”اتفاق بابت اتحاد“ فورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير پاڻي وسيلن ۽ ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان منعقد ورچوئل فورم کي خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ پاڪستاني ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال سميت اهم معاملن تي پ??ڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين ??جل??س کي وڊيو خطاب جي موقعي تي جنرل اسيمبلي هال ۾ موجود رهيو.