اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ طريقي ۽ ذريعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خاص ڌ??ان ڏئي رهي آهي ۽ صوبي جي عوام کي درپيش م??ئل?? جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود، پي ايس او جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او سيد محمد طلحه ۽ ناميارين ڪمپنين جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان کي اسمگل ٿيل تيل جا ملڪ جي معيشت تي اثرن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڙيسري ملڪن مان تيل جي اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ساليانو 60 ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، پي ايس او جي ايم ڊي اجلاس کي ٻڌايو ته سندس ادارو ماضي ۾ اسمگل ٿيل تيل تي ڀاڙيندڙ ضلعن کي تيل جي فراهمي کي يقيين بڻائڻ لاءِ سپلائي ٻيڻي ڪرڻ جا قدم کنيا آهن، اجلاس۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي پيٽرول پمپس قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ته جيئن گوادر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر ڪندڙن کي سهولت مل?? سگهي، اهڙي طرح گلگت ، اسڪردو ۽ سوات ۾ فيول اسٽوريج ان??رااسٽرڪچر قائم ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو ته جيئن مقامي آبادي کي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ان??ن علائقن ۾ سياحن جي وڌندڙ تعداد کي به سهولت ميسر اچ?? سگهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن حڪومت پاران تيل جي اسمگلنگ جي حوصلا شڪني لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.