اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي، شخص، معاشري ۽ رياست کي عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪتاب ”دختران پاڪستان“ جي مهورتي ??قريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گذريل هفتي ??ورتن سان ٿيندڙ ٻن واقعن سان تمام ??هڻ?? تڪليف پهتي، مسلمان معاشري ۾ عورتن کي خاص مقام حاصل آهي، اسلام ۾ عورتن جي احترام جي خاص تلقين ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عورتن جي تحفظ لاءِ شخص، رياست ۽ معاشرو پنهنجي ذميواري ادا ڪري، عورتن جي خلاف ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کي جلد سزا ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورتن جي معاشرتي ??حفظ بابت قانون موجود آهن، عملدرآمد جي ضرورت آهي، ترقي يافته قومن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ بلند همت ۽ حوصلو ضروري آهي. هن چيو ته سماجي ۽ معاشرتي ??رقي جي لاءِ عورتن جي تعليم اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته معاشري جي اصلاح ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن کي وراثتي ??ق ملڻ گهرجن، ان حوالي سان بلوچستان هاءِ ڪورٽ بهترين فيصلو ڏنو آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جي ذريعي مستحق عورتن کي امدادي رقم انهن جي اڪائونٽ ۾ موڪلي ويندي. هن چيو ته بئنڪن عورتن کي قرض ڏيڻ جي لاءِ ر??م مخصوص ڪئي آهي پر تمام گهٽ عورتون ان مان فائدو کڻن ٿيون. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان قومون ٺهنديون آهن، عورت کي صحيح مقام ڏيڻ سان ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته مديني جي رياست قائم ڪرڻ اسان جو مقصد آهي ۽ معاشري کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ جعلي خبرن جي ڀرمار آهي. تقريب ??ي موسمياتي ??بديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وومين ڊيولپمينٽ واري صوبائي وزير آشفه رياض فتيانه، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز، عالمي اسلامڪ يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي ۽ سميعه راحيل قاضي پڻ خطاب ڪيو.