اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ ۾ م??مل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي، م??مل لاڪ ڊائون جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، ??رٽ??ڪل 151 تحت پاڪستان هڪ سنگل مارڪيٽ آهي، ??راچي جي بندرگاهه پاڪستان جي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان پاڪستان جي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سنڌ حڪومت پاران م??مل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته م??مل لاڪ ڊائون جو ڪو به آپشن ڪنهن صوبي کي دستياب نه آهي، ??ورونا جي حوالي سان پاليسي وفاق ۽ اين سي او سي جاري ڪندا آهن ۽ صوبا ان تي عملدرآمد جا پابند آهن، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان انساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ملڪي معيشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو موقف آهي ته م??مل لاڪ ڊائون سان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سنگين نه هجي ها، هن چيو ته سنڌ کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.