ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي معاملن تي گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شِخ، ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي ماهرن جي 5 رڪني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ٿي، صدر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو ??ظهار ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳولڻ جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ پاڻي جي پائيدار حل لاءِ ماهرن تي ٻ??ل هڪ ٽيم به جوڙي وئي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي سفارشن تي عملدرآمد جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هجڻ جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون ف??اه?? ڪريون، ماهرن جي ٽيم پاڻي جي دستياب وسيلن، جار?? منصوبن ۽ مستقبل جي اسڪيمن جي حوالي سان به آگاهي ف??اه?? ڪئي.