اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قو?? کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪريو ۽ ماسڪ ضرور پايو ٻي صورت ۾ سخت لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، پاڪ فوج روڊن تي نڪري ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد ڪندي، حڪومت هاڻي سختي ڪندي، هو ڪورونا وائرس جي حوالي سان قو??ي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، قو??ي صحت وارو خاص مددگار ۽ قو??ي رابطا ڪميٽي ۾ شرڪت ڪندڙ به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظ?? چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، آئون قو?? کي اپيل ڪريان ٿو ته مهرباني ڪري ايس او پيز تي عمل ڪيو، وزيراعظ?? چيو ته اسان بار بار عوام کي چئي رهيا آهيون ته اهي ايس او پيز تي عمل ڪن، پر ماڻهو ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ماسڪ پائڻ سان اڌ مسئلو حل ٿي وي??دو آهي، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسان کي اهي قدم کڻڻا پوندا جيڪي ڀارت کڻي رهيو آهي، خدا نه ڪري جيڪڏهن ڀارت جهڙيون حالتون ٿي وڃن ته شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو. وزيراعظ?? چيو ته لاڪ ڊائون سان دڪاندار ۽ فيڪٽرين جي مالڪن سميت سڄي قو?? متاثر ٿيندي آهي پر ڏهاڙيدا?? ۽ ??ير طبقو بلڪل پيڙهجي وي??دو آهي، لاڪ ڊائون جا مشورا ڏنا پيا وڃن، پر اڃان اسان اهو نه ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو اسان کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي مشڪلاتن جو احساس آهي، ڏهاڙيدار مزدور روزاني ڪمائي??دو آهي تڏهن هو ۽ سندس ٻار کاڌي کائڻ جي قابل ٿيندا آهن، اسان کي مشڪلاتن جو احساس آهي پر جيڪڏهن ڪورونا وائرس سبب متاثر ڪيس وڌي ويا ته آخر اسان ڪيستائين لاڪ ڊائون کان بچي سگهنداسين. وزيراعظ?? چيو ته گذريل رمضان المبارڪ دوران عوام احتياط ڪيو جنهن جي ڪري صورتحال بهتر هئي، پاڪستان ۾ مسجدون بند ناهن ٿيون، عالمي سڳورن عوام ۾ ايس او پيز جي حوالي سان شعور اجاگر ڪيو.