اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حب??ب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حب??ب بئنڪ جي چيئرمين سلطان علي الانا وزيرا??ظم کي ڪورونا وائرس جي ص??رتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسي?? پيش ڪيو. سلطان علي الانا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ ج?? بنياد تي هلائڻ تي وزيرا??ظم کي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حب??ب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي ص??رتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيرا??ظم کي بريفنگ ڏني.