اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاءِ لازم آهي ته اهي پنهنجا، سندن ڪٽنبن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي گوش??ار?? سال 24-2023ع جا تجويز ڪيل فارم بي مقرر ڪيل تاريخ کان پهرين يا31 ڊسمبر 2024ع تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. اليڪشن ڪميشن مطابق سيڪشن 137 تحت اثاثا ۽ بقايائن جا گوش??ار?? فراهم ڪرڻ لازمي آهن، هر اسيمبلي ميمبر 30 جون تائين پنهنجا ۽ سندن ڪفالت هيٺ فيملي ميمبرن جا اثاثا ۽ بقايائن جا گوش??ار?? تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائي. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) تحت هر سال پهرين جنور??ءَ جي مقرر تاريخ تائين گهربل گوش??ار?? جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا هڪ پريس رليز ۾ شايع ڪيا ويندا. 16 جنور??ءَ تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنور??ءَ تائين ڄاڻايل گوش??ار?? جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن رڪنيت معطل ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل گوش??ار?? جمع نه ڪرائڻ تائين اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائ??ءَ ۾ حصو نه وٺي سگهندا. ان حوالي سان تيار ڪيل هدايت نامو/رهنمائي سان مقرر فارم بي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ اسلام آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، ق??مي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.