اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪ??تا?? وچ ايشيائي ملڪن لاءِ واپاري مرڪز بڻجندو، تاجڪ??تا?? سان ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏينداسين. اهڙو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ پاڪ??تا??- تاجڪ??تا?? بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۽ تاجڪ??تا?? وچ ۾ واپار جي حقيقي صلاحيت مان فائدو نه کنيو ويو، بزنس فورمز ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنداسين. هن چيو ته تاجڪ??تا?? لاءِ پاڪ??تا??ي شيون بهترين معيار جون آهن، پاڪ??تا??ي صنعت اعليٰ معيار جي انجنيئرنگ سامان، ٽيڪسٽائل ۽ سرجيڪل اوزار تيار ڪري رهي آهي، اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار عالمي سطح تي نمايان ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت آءِ ٽي شعبي کي ترقي ڏيڻ لاءِ اهم قدم کنيا آهن جن جا ثمر آڏو اچي رهيا آهن. ڄام ڪمال چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت اُڏامون واپار کي وڌيڪ آسان بڻائينديون. هن چيو ته پاڪ??تا??ي بندرگاهون تاجڪ آمدني واپار لاءِ بهترين سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي. وچ ايشيائي ملن سان واپاري ميلن ۾ شرڪت کي آسان بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته معيشت جا اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن. ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ۽ خاص سيڙپڪاري ڪائونسل پ??ڏيهي سيڙپڪارن جي رهنمائي ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جو فورم ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ڀائيواري لاءِ اهم آهي، اهڙيءَ طرح جي بزنس ٽو بزنس فورمز لڳاتار هلڻ گهرجن.