اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اي پي ايس جي سانحي تي اسان جي دل اڄ به ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها روئي ٿي، فتنه الخوارج ۽ انهن جهڙن ٻين دهشتگرد ۽ ملڪ دشمن گروهن جو دين سان ڪو تعلق نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن به معاشر??ي قدرن سان، پوري قوم انهن بزدل دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله بيٺل رهندي، اسان جي سيڪيورٽي فورسز سمورن ملڪ دشمن عنصرن کي پوري همت ۽ بهادري سان منهن ڏنو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ و??ير??عظم چيو ته اڄ جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ جي هڪ نه وسارڻ جوڳي سانحي ۽ هڪ تمام وڏي نقصان جا 10 سال مڪمل ٿي رهيا آهن اسان جي دل ڏکويل ۽ رت جا ڳوڙها روئي ٿي، اهو اهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو هو جنهن جي ياد هڪ ڏهاڪي کان اسان جي دلين کي بي چين ڪري رهي آهي. و??ير??عظم چيو ته 16 ڊسمبر 2014ع تي بزدل، بي رحم ۽ حيوانيت سان ڀرپور دهشتگرد آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي اڱڻ ۾ گهڙي تباهي ۽ بربادي ڪندي 144 معصوم جانين کي اسان کان سدائين جي لاءِ جدا ڪري ڇڏيو، ان حيوانيت جو شڪار ٿي شهيد ٿيندڙن مان اڪثريت گهٽ عمر جي ٻارن جي هئي جيڪي تمام ننڍڙي عمر ۾ ئي اسان کي غمگين ڪري دنيا مان هليا ويا، انهن جي زندگي، انهن ??ا خواب، انهن جون اميدون ۽ انهن جو مستقبل کسيو ويو. هن چيو ته ان سانحي کي ڀلي ڪيترو ئي وقت ڇو نه گذري وڃي انهن معصوم ۽ گهٽ عمر ٻارن جي جدائي جي صدمي کي مٽائي نه ٿو سگهي، انهن ن??ڍڙن ٻارن ان ڏينهن ناقابل برداشت ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ شهادت ماڻي. و??ير??عظم چيو ته انهن خاندانن ۽ والدين جن پنهنجي پيارن کي ان ڀيانڪ سانحي ۾ وڃائي ڇڏيو ۽ جن جا لخت جگر انهن کان کسا ويا، جي ڏک ۽ تڪليف کي ڪنهن به طور تي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته قوم کي ياد رکڻ گهرجي ته فتنه الخوارج ۽ انهن جهڙن ٻين دهشتگ??د ملڪ دشمن گروهن جو نه دين سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي ڪنهن به معاشر??ي قدرن سان، ٻاهرئين ملڪ دشمن عنصرن جي چوڻ تي اهي بزدل معصوم پاڪستانين کي پنهنجا ڪڌا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ نشانو بڻائين ٿا، پوري قوم انهن بزدل دهشتگردن جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ انشاءَ الله بيٺل رهندي. و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته مون سميت پوري قوم ٻارن ۽ استادن جي بهادري کي سلام، انهن کي خراج عقيدت، انهن جي خاندانن جي قربانين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جيڪي اڄ به سموري ملڪ دشمن عنصرن کي پوري همت ۽ بهادري سان منهن ڏنو آهي، اچو اڄ اسان هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي تعمير جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون جتي ڪنهن معصوم کي ٻيهر ان ظلم ۽ ڏاڍ سان ن??صان ن?? پهچي، ڪنهن به ٻار کي خوف جي عالم ۾ اسڪول نه وڃڻو پوي ۽ اهڙي ڪنهن به ناانصافي جي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته اهو هڪ وچن آهي جيڪو اسان کي گڏجي ڪرڻو آهي، اهو سڀ اسان تي ان سانحي جي متاثرين ۽ شهيدن جو قرض آهي ته اسان سڀ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته انهن جون جانيون رائيگان ن?? ويون، اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين، اسان ڪڏهن به معاف نه ڪنداسين.