برسلز – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان بيلجيئم ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون اجلاس بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ ٿيو. ايڊيشنل پر??يه?? ??يڪ??يٽري (يورپ) س??ير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته ٻطرفي معاملن واري ڊائريڪٽر جنرل س??ير جيروئن ڪورمين بيلجيئم پاران قيادت ڪئي. پر??يه?? آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي سياسي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري، علمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا، قونصلر معاملن ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جو جامع جائزو ورتو. ان موقعي تي گهڻ رخي فورمز ۽ علائقائي پليٽ فارمز تي پاڪستان بيلجيئم جي حصيداري تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. ٻنهي ڌرين پنهنجي گڏيل ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ وقت سر مشاورت جي اهميت تي زور ??نو.