اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شام مان وطن واپسي جي خواهشمند پاڪستانين ??ي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي جلد کان جلد محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ شام جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستانين جي انخلا بابت اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم شام مان وطن واپسي جي خواهشمند پاڪستانين ??ي پاڙيسري ملڪن جي ذريعي جلد کان جلد محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته شام ۾ رهندڙ پاڪستانين جي محفوظ انخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته شام ۾ رهندڙ پاڪستانين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي اولي?? ترجيح آهي. ان مقصد جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزيراعظم دمشق ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي معلومات ڊيسڪ ۽ پاڪستانين سان رابطي جي لاءِ هيلپ لائين قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين پرڏيهي آفيس جو ڪرائيس مئنيجمينٽ يونٽ ۽ شام ۽ ان ??ي پاڙيسري ملڪن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ معلوماتي ڊيسڪ 24 ڪلاڪ فعال رهن. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي ??زير خواجه محمد آصف، اقتصادي معاملن واري وفاقي ??زير احد خان چيم??، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير عطاءُ الله تارڙ، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.