اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊجيٽل معيشت ۽ ڊجيٽل ضم ٿيڻ جي اهميت رکندڙ قرار ڏيندي ان کي ملڪ جي اقتصادي تبديليءَ جو اهم جُز قرار ڏنو آهي. حڪومت رابطن کي بهتر بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪر?? لاءِ پُرعزم آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ نيڪسٽ جنريشن موبائل براڊ بينڊ سروسز جي بهتري لاءِ آءِ ايم ٽي اسپيڪٽرم جي ??ار?? ٿيڻ تي مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پي ٽي اي چيئرمين، آءِ ٽي وارو سيڪريٽري، قانون و??ري وزارت جو سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ کان علاوه آمريڪي ڪنسلٽنٽ فرم نيرا طرفان ڪيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو جنهن کي پي ٽي اي نومبر 24ع ۾ پي پي آر اي رولز/اي پي اي ڊي ايس موجب پاڪستان جي مارڪيٽ جو جائزو وٺڻ، ڀائيوارن سان صلاح ڪر??، شعبي ۾ سڌارن ۽ ڪامياب اسپيڪٽرم جي نيلامي لاءِ پاليسي سفارشون ۽ روڊ ميپ تيار ڪر?? لاءِ مقرر ڪيو هو. اسپيڪٽرم جي نالي جو عمل ايندڙ سال اپريل تائين مڪمل ڪر?? جو منصوبو آهي. ناڻي و??ري وزير چيو ته حڪومت رابطن کي بهترن بنائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪر?? لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن اُڀرندڙ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ جديد ايپليڪيشنز کي وسيع پيماني تي اختيار ڪر?? کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اهي قدم مختلف شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي، اقتصادي سرگرمين جي تبديلي ۽ جٽادار ترقيءَ جي هدفن کي حاصل ڪر?? ۾ مددگار ثابت ٿيندا.