اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اسلام آباد ۾ ٻن ڏينهن کان ??اري پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان ??برن جو پاڻمر??دو نوٽيس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ متفرق درخواستن ۽ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي ??يب??پختونخوا ۾ ضم ڪرڻ بابت پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ جي درخواست تي عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي. بابر اعواڻ عدالت آڏو گذارش ڪئي ته فاٽا پهريان ??ي ??يب??پختونخوا ۾ ضم ٿي چڪو آهي ۽ ان ??والي سان ڪنهن ڪارروائي جي ضرورت ناهي. وڊيو لنڪ ذريعي مون موجود ڪي پي جي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي گذارش ڪئي ته طاقت جي استعمال تي پاڻمر??دو نوٽيس ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته آئيني بينچ کي ايئن ڪرڻ جو اختيار آهي. تنهن هوندي به عدالت ان ??رخواست کي رد ڪندي چيو ته اهو معاملو عدالت آڏو ناهي. جسٽس مسرت هلالي عدالت کي سياسي معاملن ۾ ملوث ڪرڻ جي ڪوشش تي ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي کي تنبيهه پڻ ڪئي.