اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلار??س جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلار??س جي صدر جو استقبال ڪيو. نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف بيلار??س جي صدر جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻارن کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلار??س جو صدر وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي دعوت تي 25 کان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بيلار??س جي صدر جي پاڪستان جي دوري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي سطح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلار??س جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلار??س جي ڪابينا جي اهم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلار??س جي صدر جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي عڪاسي ڪري ٿو.