تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ۽ چيو آهي ته ??يگ??تان کان نخلستان ٺاهڻ جو سفر و??يراعظم جو ويزن آهي، ڪڇي ڪئنال بنجر زمين کي آباد ڪرڻ جو سفر آهي، زراعت غريب ماڻهو جو روزگار آهي ۽ اهو ئي وزيراعظم جو ويزن آهي. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خ??اب ڪندي توانائي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته چئني صوبن ۾ ڀائيچارو ۽ ملڪ جي خوشحالي وزيراعظم جو ويزن آهي، ملڪ ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ روزگار ۾ اضافي سان خوشحالي ايندي، انهي سان وزيراعظم جو ويزن پورو ٿيندو، ??يگ??تان کان نخلستان ٺاهڻ جو سفر و??يراعظم جو ويزن آهي. هن چيو ته ملڪ جي آبادي جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڳوٺاڻي آبادي تي ٻڌل آهي ۽ انهن جو دارومدار زراعت تي آهي، هي بنجر زمين کي آباد ڪرڻ جو سفر آهي، زراعت غريب ماڻهو جو روزگار آهي ۽ اهو ئي وزيراعظم جو ويزن آهي.