اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) انفارميشن ??يڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ??اري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري ??هي، حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، سمارٽ فون فار آل پاليسيءَ تي ڪم جاري ??هي. اهڙو اظهار هن ڪالهه قطر ۾ رٿيل ڪانفرنس جنهن جو عنوان ”ڊجيٽلائي??يش?? اينڊ وومن ان پوليٽيڪس“ سان وڊيو ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته موجوده دؤر ۾ عورتن جي ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ تمام ضروري ??هي، ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ انٽرنيٽ جي فراهميءَ سان عورتن کي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ??ه حڪومت ڊجيٽل صنفي وِرڇ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، عورتن جي موبائل فون، آءِ سي ٽي جي استعمال ۾ موجود رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته عورتن جي سياست ۾ اچڻ لاءِ سماجي، معاشي رڪاوٽون آهن. ڊجيٽلائ??يش?? ذريعي عورتن کي بااختيار بڻائي قومي سياسي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عورتن جي ڊجيٽل اڪانومي تائين پهچ لاءِ جينڊر ڊجيٽل ڊوائيڊ پاليسيءَ تي ڪم ڪري ??هيا آهيون. وزيراعظم فري ليپ ٽاپ اسڪيم ڊجيٽل ٽولز جي پهچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هي آهي. سمارٽ فون فار آل پاليسي تي ڪم جاري ??هي.