اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي سلسلي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق پاليسي تي ٻڌل قرض ماحولياتي ۽ قدرتي آفتن ??ي منهن ڏيڻ جي پروگرام سي ڊي ريپ تح?? فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان ??ي ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي گهٽ ڪرڻ ۽ موسمياتي لچڪ ۾ اضافي جي منصوبه بندي، تيا??ي ۽ جواب ڏيڻ جي ادارن سطح تي صلاحيت ??ي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پروگرام تح?? قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحولياتي موزونيت ۽ لچڪ جي شعبي ۾ شموليتي سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي ۾ ٻڌايو و??و آهي ته پاڪستان ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن جي خطرن سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. بئنڪ جي وچين ۽ اولهندي ايشيا ج?? ڊائريڪٽر جنرل ايوگيني زوڪو ٻڌايو ته اهو پروگرام بئنڪ جي ڊگهي مدي جي ڪوششن جي بنياد تي بڻايو و??و آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ موسمياتي ۽ قدرتي آفتن جي خطرن کي سمجهڻ ۽ انهن ??ي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻن آهي.