اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد کي حقيقي معنيٰ ۾ عالمي معيار جي سمارٽ سٽي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، نوجوان نسل ۾ منشيات جي ر??ڪٿام جي ??اءِ قدم ضروري آهن، انساني اسمگلنگ تمام حساس ۽ سنجيده معاملو آهي، ماڻهن کي سنهري خواب ڏيکاري انهن جو مستقبل داءُ تي لڳايو وڃي ٿو، ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گينگز گرفتار ڪيا آهن. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي ??قفي دوران قومي اسيمبلي ميمبرن رميش لال، شازيه صوبيه اسلم سومرو، شاهده رحماني، امين الحق، آغا سيد رفيع الله، عبدالقادر پٽيل جي ضمني سوالن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسلام آباد جي سيڪٽر آءِ 16 ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن، جنوري 2025ع تائين فيڊر روٽس تي اليڪٽرڪ بسون سيڪٽر آءِ 16 کان اين فائيو رستي تي موجود ميٽرو اسٽيشن سان لنڪ ڪنديون. هن چيو ته راولپنڊي اسلام آباد ۽ ايئرپورٽ تي ميٽرو سروس اڳ ۾ ئي هلي ر??ي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال 22 جنوري تي وفاقي ڪابينا ۾ اسلام آباد جو ماسٽر پلان جمع ڪرايو ويو. وفاقي وزير چيو ته دنيا سمارٽ سٽي طرف وڃي ر??ي آهي، اسلام آباد اڳ ۾ ئي سيف سٽي آهي جنهن ۾ سمارٽ سٽي جا فيچرز شامل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اسلام آباد جي ??ر سيڪٽر کي مڪمل منصوبابندي سان تي??ر ڪيو ويو آهي، هتي هر سيڪٽر ۾ هڪ مرڪز موجود آهي، اسلام آباد کي سمارٽ سٽي بڻائڻ جي ??اءِ انٽرنيشنل ٽينڊرنگ جي ذريعي عالمي ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هن چيو ته سمارٽ سٽي تحت ايپ ”ماءِ اسلام آباد“ شروع ڪئي پئي وڃي، ان ايپ ۾ سموريون سهولتون هر شهري کي دستياب ٿي ر??يون آهن، ”ماءِ اسلام آباد“ ايپلي ڪيشن جي ذريعي نه رڳو بلن جي ادائيگي ٿي سگهندي پر سموريون خدمتون ان ايپ جي ذريعي حاصل ڪري سگهبيون. وفاقي وزير چيو ته راولپنڊي جا علائقا اسلام آباد ۾ شامل ڪرڻ جو ڪو منصوبو غور هيٺ نه آهي، ان حوالي سان معزز ميمبر جي ڪا راءِ آهي ته ان جي راءِ ڪميٽي کي موڪلي سگهجي ??ي. معزز ميمبر سمارٽ سٽي ايپ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين. هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان اڳ سيف سٽي پراجيڪٽ اسلام آباد ۾ لڳايو ويو، ان کانپوءِ لاهور ۾ هڪ وڏو سيف سٽي پراجيڪٽ لڳايو ويو، ڪرائيم ڪنٽرول ۽ دهشتگردي جي تدارڪ جي ??اءِ سيف سٽي پراجيڪٽ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، لاهور ۾ هڪ خودڪش حملي ۾ ڪيپٽن مبين شهيد ٿي ويو هو، سيف سٽي ڪئميرائن جي ??دد سان بيڪ ٽريڪ جي ذريعي خودڪش حملي آور جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته سيف سٽي جي ??دد سان اهو پتو لڳائي سگهجي ??و ته گاڏي ڪير هلائي ر??يو آهي، ان جا سمورا تفصيل دستياب هوندا آهن. هن چيو ته اين آءِ ٽي بي ۽ وفاقي حڪومت جو ڪو به ادارو پنهنجون خدمتون سنڌ حڪومت کي فراهم ڪرڻ جي ??اءِ تي??ر آهي. وفاقي وزير چيو ته سيف سٽي جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت پشاور ۽ ان کانپوءِ ڪراچي کي آهي، ٻنهي صوبائي حڪومتن کي هن ايوان جي ??سيلي پيغام ڏيون ٿا ته وفاقي حڪومت انهن ٻنهي صوبن ۾ سيف سٽي پراجيڪٽس جي ??اءِ تعاون فراهم ڪرڻ جي ??اءِ تي??ر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سيف سٽي جي ??اءِ 5.6 ارب رپيا رکيا هئا، 43 پول هيستائين لڳا چڪا آهن، جيڪڏهن ڪنهن کان مدد ورتي وڃي ته خراب ڳالهه نه آهي، جيڪا مدد گهربل آهي، ڏيڻ جي ??اءِ تي??ر آهيون، سنڌ حڪومت ۽ اين آر ٽي سي سان جي ??و جي ??عاهدو ٿيو آهي، ان کي 8 سال ٿي چڪا آهن، سنڌ جو وڏو وزير ان جو جائزو وٺندو رهيو آهي. هن چيو ته اهو پوري ملڪ جو معاملو آهي، ان منصوبي جي باقي مرحلن جي ??قت سر تڪميل ٿيڻ گهرجي، ان معاملي کي ڪميٽي ۾ موڪليو وڃي. قومي اسيمبلي ميمبرن شرميلا فاروقي، زرتاج گل، محمود خان چاڪزئي، مسرت رفيق، شگفته جماڻي ۽ ثناءُ الله خان مستي خيل جي ضمني سوالن تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اينٽي نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي حوالي سان آمريڪا، برطانيا، ايران، ترڪيه، يو اي اي، سعودي عرب سان عالمي سطح تي تعاون هلي ر??يو آهي، مختلف ملڪن سان 37 مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيون آهن، ٻين ملڪن ۾ موجود اينٽي نارڪوٽڪس ڪنٽرول اٿارٽيز سان اسان جا ٽريننگ پروگرام به هلي ر??يا آهن. هن چيو ته جولاءِ ۾ ايپڪس ڪميٽي جي گڏجاڻي ۾ صوبن کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته پوست جي ??وکيءَ وارن علائقن کي خالي ڪرايو پيو وڃي، اتي آبادگارن کي اضافي زمين فراهم ڪئي وڃي، اهو صوبائي معاملو آهي، صوبن کي هدايت ڪئي وئي آهي، جولاءِ کان آڪٽوبر تائين ان تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي، ان جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ آگاهي مهم به هلائي وئي آهي، منشيات جي تدارڪ جي ??اءِ نه رڳو ٻارن پر والدين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته آگاهي مهم صوبن تائين کڻي وڃون. اطلاعات واري وزارت ايندڙ هفتي کان سمورن چينلز تي منشيات جي تدارڪ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائيندي، ڊرگ فري سوسائٽي جي ??اءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، تعليمي ادارن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان جي ??قصانن جي حوالي سان ٻارن کي ڀرپور طريقي سان آگاهي هجڻ گهرجي. هن چيو ته منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث ڏوهارين کي عمر قيد ۽ موت جي سزا آهي، ان ۾ ڪا ڇوٽ نه آهي. هن چيو ته اربين رپين جي ??نشيات ساڙي وڃي ٿي، گرفتار جوابدارن جي اطلاع تي اصل گينگز تائين پهچ ??اصل ڪري انهن جي ??ڪاڻن تي ڇاپا هنيا وڃن ٿا. هن چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس جي ??زارت ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جو تمام وڏو ڪردار آهي، منشيات اسمگلرز جي خلاف ڪاررواين ۾ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جا ڪيترائي جوان شهيد به ٿيا. وفاقي وزير چيو ته تعليمي ادارن جي ??عاملي تي سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ??نهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، ان مسئلي کي والدين ۽ ميڊيا سان گڏجي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته انٽر ايجنسي ٽاسڪ فورس جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، منشيات جي اسمگلنگ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبائي حڪومتون انٽر ايجنسي ٽاسڪ فورس جو حصو آهن، اي اين ايف جون پوليس اسٽيشنز هر صوبي ۾ موجود آهن، انٽر ايجنسي ٽاسڪ فورس جي اندر ڪيترائي معاملا گڏيل حل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي وفاق هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو، انويسٽي گيشن جي ??اءِ اسپيشل انويسٽيگيٽرز اي اين ايف ۾ موجود آهن، اطلاعات واري وزارت پاران ڀرپور مهم هلائي ويندي، وفاقي حڪومت اينٽي ڊرگ ٽريفڪنگ تي فلم ٺاهڻ جي ??اءِ بجيٽ به رکي آهي، ان تي ڀرپور ڪم ڪنداسين ته جيئن آگاهي پيدا ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي اندر اينٽي نارڪوٽڪس جي ??ڪ تاريخ آهي، پاڪستان اينٽي نارڪوٽڪس بورڊ پهريون ڀيرو 1957ع ۾ ٺاهيو ويو هو، 70ع جي ڏهاڪي ۾ ان جي ??ئين سر جوڙجڪ ٿي، اينٽي نارڪوٽڪس فعال فورس آهي، دنيا جا ملڪ ان فورس کي ساراهين ٿا. هن چيو ته اين ايف جو صوبن جي اندر سيٽ اپ 18هين ترميم کان اڳ جو موجود آهي، اي اين ايف تحت منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف پوري پاڪستان ۾ ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون، اي اين ايف ۾ ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون وڃن ٿيون، صوبن وٽ 18هين ترميم کانپوءِ جڏهن اهو معاملو آيو ته صوبن جي ذميواري هئي ته اهي پنهنجي ??نهنجي ??ارڪوٽڪس فورس جوڙين ها، انٽر ايجنسي ٽاسڪ فورس جو مقصد ئي اهو آهي ته صوبن سان گڏجي ??اسڪ فورس جوڙيون وڃن. هن چيو ته دنيا جي اندر ڪينسر جي علاج ۾ ڪيموٿراپي بدران ڪينوبس آئل استعمال ڪيو وڃي ٿو، ميڊيسن ۾ به ان جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، ان حوالي سان رولز ٺهي وڃن ته ڪو حرج نه آهي پر تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ر??ڪٿام جي ??اءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ گهرجي. چيئر اهو معاملو اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ميمبرن شازيه صوبيه اسلم سومرو ۽ آغا رفيع الله جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ سنجيده ۽ حساس معاملو آهي، بوگس ٽريول ايجنٽس ماڻهن کي ڪوڙا ۽ سنهري خواب ڏيکاري انهن جو مستقبل خراب ڪري ڇڏين ٿا. هن چيو ته انساني اسمگلنگ جي خلاف ايف آءِ اي 5 سالا منصوبو جوڙي ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومتن جي تعاون سان انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گينگز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته معزز ميمبر وٽ ڪي تجويزون آهن ته فراهم ڪن. ايف آءِ اي جي حوالي سان ڊيٽا معزز ميمبر کي فراهم ڪئي ويندي.