اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 15-16 آڪٽوبر 2024ع تي شنگهائي س??ڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. شنگهائي س??ڪار تنظيم جو قيام 15 جون 2001ع تي چين، روس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي عمل ۾ آندو. شنگهائي س??ڪار تنظيم هڪ مستقل بين الحڪومتي عالمي تنظيم آهي، جنهن جو مقصد گهڻ رخي س??ڪار کي مضبوط بڻائڻ، امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين اقتصادي عالمي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي س??ڪار تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آهي، ته ايس سي او ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان سٺن پاڙيسري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ تعميري طور ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان شنگهائي س??ڪار تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ قدرن لاءِپرعزم آهي. شنگهائي س??ڪار تنظيم جي فيصلي سازي واري اعليٰ اداري ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) آهي جنهن جو هر سال اجلاس منعقد ٿيندو آهي ۽ تنظيم جي س??ورن اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي س??ڪار تنظيم ۾ ٻيو سڀ کا?? وڏو فورم آهي جنهن جو بنيادي طور ڌيان ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. ڪائونسل جو اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي جنهن ۾ گهڻ رخي س??ڪار ۽ تنظيم جي اندر ترجيحي شعبن جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ موضوعاتي مسئلن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ شنگهائي س??ڪار تنظيم جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي آهي. شنگهائي س??ڪار تنظيم جو گذريل اجلاس 26 آڪٽوبر 2023ع تي بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي نگران پرڏيهي وزير خليل عباس جيلاني ڪئي هئي. ڄاڻايل اجلاس ۾ پاڪستان 2023ع کان 2024ع تائين حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي صدارت به سنڀالي هئي. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي س??ڪار تنظيم جي سي ايڇ جي اجلاس ۾ چين جي وزيراعظم لي چيانگ، روس جي وزيراعظم ميخائيل مي??وس??ن، بيلا روس جي وزيراعظم رومن گولوچينڪو، قازقستان جي وزيراعظم اولزاس بي??تي??وف، ڪرغيز وزيراعظم اڪيل بي??تي??وف، تاجڪستان جي وزيراعظم ڪوخير رسول زوده، ازبڪ وزيراعظم عبدالله اريپوف سميت شنگهائي س??ڪار تنظيم جي ملڪن اڳواڻن جي شرڪت جو امڪان آهي. ايران جي پهرين نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرانيم جي شنڪر جي به شرڪت جو امڪان آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ منگوليا جو وزيراعظم يو يون ايرڊين لووسنامسرائي مبصر جي حيثيت ۽ ڪابينه جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير راشد مير دوف مهمان خاص طور شريڪ ٿيندا. عالمي تنظيم جا نمائندا جن ۾ ايشيا ۾ تعامل ۽ اعتمادسازي جي قدمن جي ڪانفرنس (سي آءِ سي اي)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه ۽ يورپي اقتصادي برادري جي نمائندن پاران به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جا امڪان آهن.