اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چي?? ته کيس گذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گ??رو صدمو پهتو آهي. اسان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪ??يو?? ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪ??يو?? ٿا. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. وزيراعظم چي?? ت?? ان واقعي ۾ ملوث شرپسند پاڪستاني نه ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان جا دشمن آهن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي لاءِ جاچ جاري آهي ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چي?? ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان انهن جي سلامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.