نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي م??لياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي م??نيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سا?? ملاقات کانپوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڳالهه ٻولهه مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان جي م??يشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس ن??ام ۾ شفافيت ۽ روزگار جي نئين موقعن جي فراهمي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون سان سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي م??بوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.