اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سمورن منصوبن جي پروج??ڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو، منصوبا بندي واري وزار?? جي رُڪيل فائلن کي ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪنهن ڪم ۾ دير نه ٿئي ۽ رڪيل ڪم کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبا بندي واري وزار?? جي رٿائن تي تفصيلي جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرام عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي. احسن اقبال چيو ته سمورين رٿائن جي پروج??ڪٽ ڊائريڪٽرز کي جلد مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته وزارت جو عملو صرف پروج??ڪٽ ڊائريڪٽر کي عملي جي ڀرتين ۾ سهولتون فراهم ڪندو. احسن اقبال سمورن اسسٽنٽ چيفس ۽ ريسرچ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پرڏيهي ملڪن ۾ اعليٰ يونيور??ٽي?? ۾ اسڪالرشپس لاءِ اپلاءِ ڪن. وفاقي وزير چيو ته تحقيق ۽ جدت جو عمل رُڪڻ نه گهرجي. رٿابندي واري وزارت آفيسرن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڀرپور معاونت ۽ وسيلا فراهم ڪندي.