نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ جو پنجن ڏينهن جو دورو مڪمل ??رڻ بعد ??طن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب سميت مختلف ملڪن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل عامر اتوزئي ۽ گڏيل قومن ۾ نائب مستقل نمائندي عثمان جدون وزيراعظم کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي 21 منٽن واري خطاب ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي ايجنڊا جي سمورن معاملن جو جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير سميت پراڻن مسئلن کي حل ??رڻ جو ڀرپور مطالبو پڻ ڪيو. وزيراعظم سيشن جي موقعي تي سربراهي اجلا??ن ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اوچائي سبب پيدا ٿيل موجوده خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ ليڊرشپ فار پيس تي گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل ۾ کليو بحث به شامل هو. عالمي اڳواڻن سان گڏ سندس ٻه طرفين ملاقاتن ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ يو اين جي اي جي صدر فليمون يانگ، برطانيه، ايران، بنگلاديش، نيپال ۽ مالديپ جي وفدن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهن سان به ملاقاتون شامل هيون. هن آمريڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.