اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سريلنڪا جي نئين چونڊيل صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بي??ن موجب پنهنجي مبارڪ?? واري پيغام ۾ صدر مملڪت چيو ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ سوشلسٽ ريپبلڪ آف سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي ق??ر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ بهترين تعاون ڪندا آيا آهن. صدر اميد ظاهر ڪئي ته صدر انورا ڪمارا ڊيشانائيڪي جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌ??ڪ مست??ڪم ٿيندا. صدر آصف علي زرداري سريلنڪا جي قيادت ۽ عوام لاءِ بهترين صحت ۽ مسلسل خوشحالي لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.