اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان م??تاز زهره بلوچ چيو آهي ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگن??ئي??يش?? (آءِ ايم او) جو سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتون??و منگويز ويلاسڪو پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان جي قيادت ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سان م??اقاتون ڪن??و. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته آءِ ايم او جي سيڪريٽري جنرل ٽن ڏينهن جي دوري تي گذريل رات پاڪستان پهتو آهي. ترجمان چيو ته آءِ ايم او جي ڪنهن سيڪريٽري جنرل جو هي پهريون پاڪستان جو دورو آهي. هن چيو ته انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگن??ئي??يش?? جي سيڪريٽري جنرل اسلام آباد ۾ ”انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪانفرنس ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.