راولپنڊي-07 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي ف??رس?? مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽ?? تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ چئن آپگهاتي بمبارن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب 6 سيپٽمبر 2024ع جي صبح جو سوير چئن خارجي دهشتگردن جي هڪ گروپ مهمند ضلعي ۾ فرنٽيئر ڪور هيڊڪوارٽ?? تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي ف??رس?? جي اهلڪارن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻايو ۽ ان جي نتيجي ۾ چئني آپگهاتي بمبارن کي گهربل نقصان پهچائڻ کان پهرين ئي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. علائقي ۾ ڪنهن به ٻ??ي موجود خارجي دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ صفائي آپريشن ڪيو پيو وڃي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ف??رس?? ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ جرئتمنداڻي عزم سان بيٺل آهي.