اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي)سينيٽ چي??رم??ن سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان جي خطي جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي انٽرنيٽ تائين جي رسائي کان محروم آهي، ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري س??ب حقيقي ت??قي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن، پاڪستان ڊجيٽل ورڇ جي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ايشيا پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ جي 58هين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته وفدن جي وڏي انگ ۾ شرڪت اسان جي ت??قي، خوشحالي، ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ اها تقريب ايشيا – پيسفڪ خطي ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي کي هٿي ڏيڻ، تحقيق ۾ سهولت ۽ علم جي مٽاسٽا ۾ پاڪستان جي مسلسل چاهه جو ثبوت آهي. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته ڊجيٽل انقلاب ۾ پاڪستان جو وڌندڙ رجحان تعريف لائق آهي ۽ چئلينجز ۽ مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته ايشيا – پيسفڪ ايڊوانسڊ نيٽ ورڪ، هائر ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ نيٽ ورڪ جي خطي ۾ فني ت??اون کي وڌائڻ ۾ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن ۽ تحقيق، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ گڏيل هدفن جي حاصلات لاءِ سڀني جو اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. ان نيٽ ورڪ سان موسمياتي ت??ديلي، صحت، غربت، غذائي ت??فظ ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان جي خطي جي 50 سيڪڙو آبادي اڃا به انٽرنيٽ جي رسائي کان محروم آهي ۽ اهوئي س??ب آهي ته ڊجيٽل ورهاست جي اڻبرابري س??ب حقيقي ت??قي جي حاصلات ۾ رڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون. پاڪستان ان اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. سيينٽ چي??رم??ن سيد يوسف رضا گيلاني اي پي اي اين جي سهڪار سان فني ت??قي پوري ملڪ خاص طور تي پٺتي پيل عوام تائين يقيني بڻائي ويندي ۽ جامع ۽ برابري ت??قي جي حڪمت عملي کي اختيار ڪرڻ سان ئي اسان پوري خطي ۾ بامعنيٰ ترقي ڪري سگهون ٿا. سائبر سيڪيورٽي جي حوالي س??ن پاڪستان پنهنجي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي حفاظت ۽ اهميت کان چڱيءَ ريت واقف آهي. هن چيو ته عالمي س??ح تي س??ئبر سيڪيورٽي حملن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي ۽ 2023ع ۾ سائبر حملن ۾ 38 سيڪڙو واڌ ٿي. پاڪستان سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط ۽ وڌيڪ فعال بنائڻ ۾ قدم کڻي رهيو آهي. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پاڪستان ڊجيٽل اسپيس ۾ به علائقائي شراڪتدارن سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي ته اسان جي فني ت??قي ماحولياتي ذميداري س??ن هم آهنگ آهي. اسان گرين ٽيڪنالاجي جي ت??قيق ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳيان آهيون ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ خاص طور تي سينيٽ، قومي ۽ فني ت??قيءَ کي اڳيان وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڌيان اهڙين پاليسين جي جوڙجڪ تي آهي جيڪا جدت کي هٿي ۽ ڊجيٽل انفراسٽراڪچر جي ت??مير ڪري. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سينيٽ قانونسازي ذريعي ڊجيٽل تبديلي کي آسان بڻايو آهي ۽ ان قانونسازي س??ن آءِ سي ٽي سيڪٽر جي ت??قي، سائبر سيڪيورٽي ۽ جدت جي حوصله افزائي ۾ بهتري آئي آهي. چي??رم??ن چيو ته پاڪستان پاڻ سينيٽ سيڪريٽريٽ جي اندر ڊجيٽل تبديلي کي اپنائڻ لاءِ ڪوشان آهي ۽ پيپر فري چيمبر بنائڻ ۽ سموري عمل کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. انهن قدمن سان سينيٽ جو ڪم وڌيڪ شفاف، اثرائتو ۽ رسائي جي قابل ٿي ويندو ۽ سينيٽ جون سموريون سرگرميون مڪمل طور تي ڊجيٽلائيزڊ ٿي وينديون. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي ۽ نوجوان ٽيڪنالاجي، تحقيق ۽ جدت ۾ معاشي ت??قي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ بي پناهه وسيلن جي نمائندي ڪن ٿا. سينيٽ چي??رم??ن چيو ته پاڪستان اڳ ئي 20 لک کان وڌيڪ فري لانسرز سان عالمي فري لانس اڪانومي ۾ اهم شراڪتدار آهي. پاڪستان فري لانسرز ۽ ڪاروباري ماڻهن جي عالمي س??ح تي رسائي کي وڌائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم وڌي رهيو آهي. مضبوط عالمي رابطن کي هٿي ڏئي اسان پنهنجي اسٽارٽ اپس لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائيءَ سان روزگار جا وسيع موقعا ۽ اقتصادي ت??قي کي اڳيان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته صحت، تعليم، دفاع، دفاعي پيداوار ۽ ٻين شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ اچو ته اسان هڪ اهڙي مستقبل طرف ڪم ڪريون جتي ٽيڪنالاجي اسان جي قومي ت??قيءَ ۾ ڪرنگهي جي هڏي طور تي ڪم ڪري جيڪا اسان کي وڌيڪ خوشحال، جامع ۽ پائيدار خطي طرف وٺي وڃي.