ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي گاڏين مان لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ مو??عي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي قتل ڪيو ??يو. ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي ميڊيا ??ان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته هٿياربند پنجاب سان ت??لق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گاڏين مان لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻن کي ڪوئلي ??ان ڀريل ٽرڪن مان لاهي تشدد جو نشانو ب??ايو ۽ پوءِ کين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شاهراه تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي سڃاڻپ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.