اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءَ ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته ملڪ ۾ سازشن جو مک عمران خان ۽ سهولتڪار فيض حميد هو، پاڪ فوج ۾ خوداحتسابي جو پنهنجو ميڪنزم آهي، جاچ جو دائرو وڌندي نظر اچي رهيو آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ صوبي ۾ بجلي جي صارفين لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪيو آهي، نواز شريف جي اڳ??اڻي ۾ مسلم ليگ (ن) هميشه عوام جي خدمت ڪئي ۽ عوامي خدمت جو اهو سفر جاري رهندو. پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وزير چي?? ته محمد نواز شريف جي اڳ??اڻي ۾ مسلم ليگ (ن) هميشه عوامي خدمت ۽ افهام و تفهيم جي سياست ڪئي، محمد نواز شريف 90 جي ڏهاڪي ۾ ڏکڻ ايشيا جو پهرين موٽر وي تعمير ڪرائي ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ موٽر ويز جو ڄار وڇايو ويو، ڪاروباري آسانيون پيدا ڪيون جنهن تحت پاڪستان جو اڪنامڪ ريفارمز ايڪٽ آيو، هي پهريون ايڪٽ هو جنهن ڪاروباري برادري کي سهولتون فراهم ڪيون. هن چي?? ته نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪيا، موٽر ويز جا ڄار وڇايا، بجلي جا منصوبا لڳايا. وفاقي وزير چي?? ته پنجاب حڪومت 500 يونٽس تائين بجلي جي بلن ۾ ٻن مهينن لاءِ في يونٽ 14 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي ۽ هن مقصد لاءِ 45 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چي?? ته پنجاب حڪومت طرفان عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وڏو قدم کنيو ويو آهي. هن چي?? ته 2018ع کان پهرين مه??نگائي 4 سيڪڙو هئي ۽ اوسر واري شرح 6 سيڪڙو، ان کان پوءِ هڪ اهڙو دؤر آيو، جنهن ۾ مه??نگائي 22 سيڪڙو کان به وڌي وئي، انهي دؤر ۾ 190 ملين پائونڊ ۽ توشا خانا جا تحفا لٽيا ويا، سائفر سان کيڏيو ويو. هن چي?? ته هاڻي ٻيهر مه??نگائي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي ۽ سمورا عالمي مالياتي ادارا چئي رهيا آهن، ته مه??نگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم يوم آزادي جي موقعي تي عوام کي پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري قوم کي تحفو ڏنو، ان کان پهرين وزيراعظم 200 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي 3 مهينن لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني؛ جيڪو تمام وڏو قدم هو. هن چي?? ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وڏا قدم کنيا، ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي؛ حالتن ۾ بهتري آڻڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ جيڪي قدم کڻڻا پيا، نواز شريف جي اڳ??اڻي ۾ کڻنداسين، وفاقي حڪومت شهباز شريف جي اڳ??اڻي ۾ ۽ پنجاب حڪومت مريم نواز جي اڳ??اڻي ۾ عوامي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن، عوام کي رليف فراهم ڪري ئي ساهه کڻنداسين، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي گرفتاري جي حوالي سان سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪ فوج شفاف جاچ ڪئي آهي، فوج ۾ خود احتسابي جو پنهنجو ميڪنزم آهي، پاڪ فوج جو شمار دنيا جي بهترين ادارن ۾ ٿئي ٿو، ته هو خود احتسابي تي يقين رکي ٿي، هن چيوته هن جاچ جو دائرو وڌندي نظر اچي رهيو آهي. هن چي?? ته هڪ سياسي پارٽي جي اڳ??اڻ ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ ورهاست جي سياست ڪئي، هن ماڻهن سان ڳٺ جوڙ ڪري ملڪ ۾ بدامني پکيڙي ۽ ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير چي?? ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ هن جي سمورين سازشن جو مک اڳ??اڻ عمران خان ۽ سهولتڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ۽ ٻيا ماڻهو هئا. پي ٽي آءِ جي باني جي اڳ??اڻي ۾ ڳٺ جوڙ جو ڪم ٿ?? رهيو هو. هن چي?? ته جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌندو. هن چي?? ته ڪنهن کي به اجازت نٿي ڏئي سگهجي ته هو ملڪ ۾ تباهي پکيڙي. وفاقي وزير چي?? ته پي ٽي آءِ جي باني انهن ماڻهن سان گڏجي چيو هو، ته طالبان کي واپس اچڻ گهرجي، هن طالبان کي واپس آندو ۽ هتي رهايو، اڄ ملڪ ۾ امن امان جي خراب صورتحال جا ذميوار اهي ماڻهو آهن. هن چي?? ته پي ٽي آءِ جي باني جي اڳ??اڻي ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ۾ اهي ماڻهو ان جو حصو هئا، هن قومي سلامتي کي نقصان پهچايو، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيو، شاهديون سامهون اچي رهيون آهن ته پي ٽي آءِ جي باني جو رابطو بحال هو، نه رڳو هن بي اعتمادي جي رٿ دوران ڳٺ جوڙ جي سياست ڪئي پر جيل مان به پيغام رسائڻ جو عمل جاري هو. هن چي?? ته اسان پاڪ فوج جي خوداحتسابي جي عمل کي ساراهيون ٿا، هي هاڪاري قدم آهي، جيڪو به ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙيندو ان جو انجام اهو ئي ٿيندو. هن چي?? ته ٻين کي به خوداحتسابي ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو دائرو وسيع هئڻ گهرجي. عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ رليف جي حوالي سان هن چي?? ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي حڪومت سان گڏجي شمسي توانائي تي ٽيوب و??ل لڳائڻ جو گڏيل منصوبو شروع ڪيو آهي. بلوچستان ۾ 28 هزار سولر ٽيوب ويلز لڳايا ويندا، ان سان بجلي جي بچت ٿيندي ۽ آبادگارن کي رليف ملندو. هن چي?? ته وزيراعظم شهباز شريف رائيٽ سائزنگ ۽ڊائون سائزنگ جي حوالي سان به هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي آهي، جيڪي ادارا سرڪاري ناڻي تي بار آهن انهن جي حوالي سان تجويزون طلب ڪيون آهن. هن چي?? ته ايندڙ وقت ۾ ان تي وڌيڪ ڪم ٿ??ندو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چي?? ته لطيف کوسه کي ڪوڙ ۽ بهتان واريون ڳالهيون نه ٿيون جڳائين، ڪوڙ، بهتان ۽ الزام تراشي ان جي اڳ??اڻ جو ڪم رهيو آهي ۽ اهو ڪم اختيار ڪندي اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هي اها سازش آهي جيڪا پي ٽي آءِ جي باني ۽ ان جي ساٿين پي ٽي آءِ جي دؤر ۾ چيف جسٽس جي گهر واري جي باري ۾ ڪئي هئي ۽ ان کي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو هو، اهو مائينڊ سيٽ اڄ به جاري آهي، هن چي?? ته پي ٽي آءِ ان خلاف جيڪا مهم شروع ڪئي آهي، هي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چي?? ته بجلي جي حوالي سان اڳ ئي وزيراعظم هڪ ٽاسڪ فورس قائم ڪيو آهي، جيڪو پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهي. ان ۾ آءِ پي پيز جي معاملن تي به نظرثاني ڪئي پئي وڃي، بجلي جون قيمتون هيٺ آڻڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، هي ڪم اسان مارچ مهيني ۾ شروع ڪري ڇڏيو هو، بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو، سولرائيزيشن طرف صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چي?? ته بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي ٻين سببن تي به نظرثاني ٿيندي ۽ ان جو پائيدار مستقل حل ڪڍيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته پاڪ فوج ۾ خوداحتسابي سٺو سنئوڻ آهي، سياسي مداخلت ۽ ڪرپشن خلاف پاڪ فوج قدم کڻي مثال قائم ڪيو آهي، ٻين ادارن کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته راندين تي ڪنهن کي به اختلاف ناهي، ميڊيا معرفت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير کي چوندس ته هو عوام کي راندين لاءِ سهولتون فراهم ڪري، خيبر پختونخوا ۾ سٺا رانديگر آهن، اسان جي ڪرڪيٽ جي ٽيم ۾ به ڪيترن ئي رانديگرن جو تعلق خيبر پختونخوا سان آهي، هن چي?? ته ارشد نديم قوم جو فخر آهي، اسان چاهيون ٿا ته ارشد نديم جهڙا جوان هن ملڪ جو نالو روشن ڪندا رهن.