اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي سان عراق جي س??ير عباس لفته ملاقات ڪئي جنهن ۾ عراق ويندڙ پاڪستاني زائرين کان داخلا پاسپورٽ نه وٺڻ، اربعين جي موقعي تي ٽريول اي??نٽن بدران عراقي سفارتخاني طرفان پاڻ زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ، اربعين جي ڪوٽا ۾ اضافي ۽ خصوصي اڏامن جي شروعات تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ فيصلو ٿيو ته هلندڙ سال گذريل سال کان وڌيڪ ويزا جاري ڪيا ويندا، زائرين جي وڌيڪ سهولتن لاءِ ڪراچي ۾ عراقي قونصليٽ کي ٻيهر اوپن ڪرڻ لاءِ اڄ ئي سمورا معاملا حل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو و??ير محسن نقوي چيو ته گهرو وزارت ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اربعين جي موقعي تي پاڪستاني زائرين لاءِ ويزا فيس ختم ڪرڻ لاءِ گهرو و??ير پنهنجي عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪندو. ملاقات ۾ عراق ۾ قيد پاڪستانين جي وطن واپسي بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. گهرو و??ير محسن نقوي چيو ته زائرين کان وڌيڪ فيس چارج ڪندڙ اي??نٽن خلاف ڀرپور ايڪشن ورتو ويندو. ملاقات ۾ ڊپلوميٽڪ ۽ آفيشل پاسپورٽ تي ويزا جي ڇوٽ جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. گهرو و??ير محسن نقوي زائرين جي سهولت لاءِ قدمن تي عراقي گهرو و??ير ۽ عراقي س??ير جو ٿورو مڃيو. گهرو و??ير چيو ته هوائي سفر ذريعي عراق ويندڙ زائرين کان پاسپورٽ نه وٺڻ جي فيصلي سان وڏي سهولت ملندي. عراقي س??ير چيو ته پاڪستاني زائرين کي ٻين ملڪن جي برابر سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. عراقي س??ير عراق جي گهرو و??ير طرفان گهرو و??ير محسن نقوي کي عراق جي دوري جو دعوت نامو به پيش ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستاني زائرين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي و??ير محسن نقوي فوري طور تي ايوي اي??ن واري وفاقي و??ير خواجه محمد آصف سان رابطو ڪيو جنهن ۾ عراقي اي??ر لائين کي اڄ کان ئي خصوصي اڏامون هلائڻ جي اجازت ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. عراقي اي??ر لائن کي اڄ ئي باضابطه طور تي خصوصي اڏمون هلائڻ جي اجازت ڏني ويندي. پي آءِ اي جون به خصوصي اڏامون عراق لاءِ هلايون وينديون. حتمي شيڊول اڄ تائين جاري ڪيو ويندو.