اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غيرمعمولي برساتن ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي لاءِ قدم يقيني بڻائڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ وارن علائقن مان ماڻهن کي وقت سر ڪڍڻ ۽ پاڻي جي نيڪالي يقيني بڻائڻ، طبي عمل??، دوائن ۽ وقت سر علاج، ويڪسين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هد??يت ڪئي آهي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي چئني صوبائي حڪومتن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت ۽ گلگت بلتستان حڪومت جي مدد جي پڻ هد??يت ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد جي انتظاميا کي هد??يت ڪئي آهي ته پاڻي کي ڪڍڻ، شهرين جي سهولت لاءِ قدم ۽ صورتحال جي مسلسل مانيٽرنگ ڪئي وڃي. ادارا گڏيل عمل سان قدمن کي يقيني بڻائين. وزيراعظم هد??يت ڪئي ته ٻوڏ وارن علائقن مان ماڻهن کي وقت سر ڪڍڻ، پاڻي کي ڪڍڻ کي يقيني بڻائڻ، طبي عمل??، دوائون ۽ وقت سر علاج، ويڪسين کي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم واٽر پمپس ۽ ٻي مشينري جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هد??يت ڪئي.