اسلام آباد -09 جولاءِ (اي ??ي ??ي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سرد??ر اياز صادق ملڪ ۽ ملت لاءِ محترمه فاطمه جناح جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته فاطمه جناح قائداعظم ??حم?? علي جناح جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪيو. هو هڪ بهادر، بااصول ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ عورت هئي. گذريل ڏينهن محترمه فاطمه جناح جي 57هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم و استقامت، حوصلي ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي. هوءَ قائداعظم ??حم?? علي جناح جي ٻانهه ٻيلي ۽ جان نثار ڀيڻ هئي. هن چيو ته فاطمه جناح تحريڪ آزادي جي هر مرحلي ۾ پاڇي وانگر قائداعظم ??حم?? علي جناح سان گڏ رهي. فاطمه جناح قائداعظم ??حم?? علي جناح وانگر باهمت، بااصول، محنتي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ ثابت قدم رهندڙ عورت هئي. فاطمه جناح عورتن جي تحريڪ آزادي جي هر اول جٿي جي رهنما هئي. هوءَ پاڪستان جي قيام کان پوءِ عملي سياست ۾ سرگرم رهي، اسپيڪر چيو ته هن عوام خاص ڪري عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ ڀرپور ڪرد??ر ادا ڪي??. س??دس ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ڪيل خدمتن کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.