اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي?? ته چين جي دوري دوران طي ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي و??ند??، چين ۾ طئي ٿيل سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندس، چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، معدنيات،کاڻين ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي ??هي?? انهن شعبن ۾ پاڪ چين سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان معاشي ترقي، علائقائي رابطن جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن چين جي تازي دوري دوران طئي ٿيل سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي، چين جي اعليٰ قيادت پاڪستاني وفد جي تازي دوري دوران مثالي مهمان نوازي جو مظاهرو ڪيو. چين دنيا جي هڪ مضبوط معيشت بڻجي اڀريو ??هي?? پاڪستان چين جي ترقي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، معدنيا، کاڻين ۽ توانائي جي شعبن م سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي. انهن شعبن م پاڪ چين سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان معاشي تري، علائقائي رابطن جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. هن چيو ته چين جي دوري دوران طئي ٿيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي و??ند??، چين ۾ سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندس. ان موقعي تي بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو و??و ته تازو ئي چين جي جوتا ٺاهيندڙ ڪپنين جي هڪ وفد پاڪستان ۾ پنهنجا ڪارخانا منتقل ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جو دورو ڪيو ??هي?? ان شعبي ۾ چين جي ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 کان 8 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جا امڪان موجود آهن، پاڪستان جوتا ٺاهيندڙ ڪمپنين جي ايسوسيئيشن چين جي ڪمپنين سان انهن جا ڪارخانا پاڪستان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان مسلسل رابطي ۾ آهن. جڏهن ته زرعي شعبي جي 12 مشهور چيني ڪمپنين هلندڙ سال پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ فوڊ اينڊ ايگري ايڪسپو ۾ به ڀرپور حصو و??نديون. وزيراعظم زرعي شعبي ۾ جديد تربيت لاءِ پاڪستان مان هڪ هزار شاگردن کي سرڪاري وظيفي تي چين موڪلڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪليو وڃي، بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به پروگرام ۾ خاص ترجيح ڏني وڃي، چين ۾ جديد زرعي تربيت لاءِ شاگردن کي ايندڙ تعليمي سيمسٽر کان موڪلڻ جي شروعات ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته وزيراعظم جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل معاهدن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ چيني ڪمپنيون پاڪستاني ڪمپنين سان پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ رابطي ۾ آهن. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران هواوي طرفان 3 لک شاگردن کي فني تربيت، ڪاروبار جي سهولت لاءِ ون اسٽاپ آپريشن ۽ سمارٽ گورننس ۽ سمارٽ سٽي تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو و??و. وزيراعظم واپڊا کي داسو ۽ ديا مير ڀاشا تي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بنائڻ لاءِ سيف سٽيز جي قيام جي هدايت ڪندي چيو ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس دوران وزيراعظم کي پاڪستان ۾ چين طرفان مختلف مواصلاتي ڍانچي، بجلي ۽ گوادر ۾ منصوبن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو و??و. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته گوادر کي خطي ۾ و??پا??ي راهداري جو مرڪز بڻائڻ لاءِ گوادر بندرگاه، گوادر هوائي اڏي، ۽ گوادر صنعتي زون جي ترقي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي. چيني شمسي پينلز ۽ اوزار ٺاهيندڙ ڪمپنين سان پاڪستان ۾ سندن ڪارخانا منتقل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ تيزي آندي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن جام ڪمال خان، عطاالله تارڙ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير شزه فاطمهخواجه، خصوصي معاون طارق فاطمي، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جه??نز??ب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.