بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف خميس ڏينهن بيجنگ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندو. وزيراعظم سان چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ايجنسي، چائنا ايگزام بئنڪ، چائنا پاور، چائنا انرجي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن ۽ چائنا ڪنسٽرڪشن اينڊ ڪميون??ڪش?? ڪارپوريشن جي سربراهن سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم سائنس پارڪ ۽ اڪيڊمي آف ا??گريڪلچر سائنسز جو دورو پڻ ڪندو.